قبضا مافيا پوليس جي مدد سان 800 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو، ڌرڻو هڻنداسين: زين شاهه

قاضي احمد (ن ع آ)  نواب شاهه جي سياسي بااثر ماڻهن پاران زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف قاضي احمد ۾ ٻنڀائي جي مختلف کاتيدارن پاران ڪالهه ستين ڏينهن به نواب ولي محمد نيشنل هاءِ وي تي علامتيبک هڙتال جاري رکي، ان دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ ڪئمپ تي پهچي متاثر ڌرين سان يڪجھتي جو اظهار ڪيو ۽ تفصيل ورتا، ان موقعي تي سيد زين شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي جي ديهه ٻنڀائي ۾ سياسي بااثر ماڻهن پاران زبردستي زمينن تي قبضي ڪرڻ جي سخت لفظن جي مذمت ڪريون ٿا ۽ هن احتجاج جي مڪمل حمايت ڪريون، نواب شاھ جي سياسي بااثر ماڻهن پاران پوليس جي مدد سان 800 ايڪڙ سروي زمين تي قبضو ڪري گھر خالي ڪرايا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو سرڪاري زمينون الاٽ ڪري اڳوڻي ڊي سي باقر شاهه کي حڪم جاري ڪيو ته زمينن جون سندون ورھايون جيڪي اڃان تائين کاتيدارن وٽ موجود آهن ديھه ٻنڀائي ۾ چوٿين پنجين پيڙھي کان رھاڪو آهيون هتي قديمي قبرستان گواھي ڏيندا اسان قبضا مافيا ۽ ضلع انتظاميا کي چتاءُ ڏيون ٿا ته متاثر آبادگارن جي زمينن تان قبضو ختم نه ڪيو ويو يا نه ڪرايو ويو ته هزارين ماڻهن سان گڏ قومي شاهراهه بند ڪنداسين يا ديھه ٻنڀائي جي متاثر آبادگارن سان گڏجي نواب ولي محمد کان ڪچي تائين مارچ ڪري قبضا مافيا کي ڊوڙائينداسين، هن چيو ته اسين انساني حقن جي تنظيمن، وزيراعظم عمران خان، چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته قبضا مافيا خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي زمينن تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي سيد زين شاھ سان گڏ مرڪزي اڳواڻ امير علي ٿيٻو، حافظ زين ڀٽو، مجيب ماڇي، ضلع صدر ڌڻي بخش ڪلوئي، تعلقي صدر رياض ڪاڪيپوٽو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.