پسند پرڻو ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي جوڙي تي ڪراچي ۾ فائرنگ، مڙس قتل، زال زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي واسي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي تي ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مڙس قتل ۽ ان جي زال سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ان جوڙي ڪجهه عرصو اڳ پسند پرڻو ڪيو هو ۽ ڇوڪريءَ جا گهر ڀاتي ان شادي جا مخالف هئا.

ايس ايس پي اوڀر رضا جسڪاڻي موجب وسيم اعجاز پنهنجي زال ڪوثر ۽ ٻين مائٽن سان گڏ گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هو ته شاهراهه فيصل تي ٻي گاڏي ۾ سوار هٿياربندن انهن جي گاڏي کي روڪي مٿن انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني.

هن ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ وسيم جهتيال ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ان جي زال کي ٻانهن ۾ گولي لڳي.

واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻين جي سڃاڻپ وسيم جي ڀاءَ اعجاز نصير ۽ ڊرائيور سيد منير جي نالن سان ٿي ۽ کين علاج لاءِ جناح اسپتال نيو ويو.

ڊاڪٽرن موجب منير جي سيني ۾ گولي لڳي آهي، جنهن سبب ان جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جڏهن ته مقتول جي ڀاءَ ۽ گهرواري جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته گاڏي ۾ سفر ڪندڙ ياسين نالي شخص کي معجزاڻي طور هڪ رهنڊ به نه آئي.

ياسين ٻڌايو ته ڇوڪري جي والدين 29 آگسٽ 2021 تي وسيم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي ته وسيم سندن ڌيءَ کي اغوا ڪيو آهي.

پرڻيل جوڙي کي ايف آءِ آر ختم ڪرائڻ لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪوثر جي والدين، ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ واپس گهر هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

ياسين ٻڌايو ته هو اسٽيل ٽائون وڃي رهيا هئا ته ڇوڪري جي مائٽن انهن جو پيڇو ڪيو ۽ شاهراهه فيصل تي لال ڪوٺي ڀرسان گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني.

ايس ايس پي قمر جسڪاڻي چيو آهي ته واقعي ۾ بچي ويندڙ شخص موجب حملي ۾ مبينا طور ڇوڪري جو پيءُ عزيز، ڀاءُ عظيم ۽ ڪزن ناصر سميت 5 ڄڻا ملوث آهن.

پوليس آفيسر موجب ڪوثر بروهي ۽ مقتول وسيم جهتيال جو واسطو لاڙڪاڻي سان آهي ۽ پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.