طالبان جي آمريڪي ۽ روسي ساز و سامان سان فوجي پريڊ

ڪابل(ويب ڊيڪس) طالبان ڪابل جي روڊن تي آمريڪا ۽ نيٽو جي ڇڏيل فوجي گاڏين کي استعمال ڪندي پريڊ ڪئي.

خابرو ايجنسي موجب ان پريڊ دوران روسي ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر به اڏام ڀري، پريڊ ۾ طالبان فوجين کي آمريڪا جون ايم فور رائيفلز کنيل هيون.

ان موقعي تي افغانستان جي دفاع واري وزارت جي ترجمان عنايت الله خوارزمي خابرو ايجنسي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پريڊ طالبان جي نئين تربيت يافتا فوجين جي گريجوئيشن جو حصو هئي.

عنايت الله خوارزمي وڌيڪ ٻڌايو ته 250 نئين تربيت يافيا فوجين گريجوئيشن مڪمل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.