فلسطينين سان يڪجهتي، ڏکڻ آفريقا جو اسرائيل ۾ ”مس يونيورس“ مقابلي جو بائيڪاٽ

 

پريٽوريا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي حڪومت مس ڏکڻ آفريقا جي اسرائيل ۾ ٿيندڙ ”مس يونيورس“ مقابلي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڏکڻ آفريقي حڪومت جو چوڻ آهي ته فلسطينين خلاف اسرائيلي ظلمن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا ۾ شدت سان اهو مطالبو ٿي رهيو هو ته اسرائيل ۾ ٿيڻ سبب ”مس ڏکڻ آفريقا“ جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي.

ڏکڻ آفريقا جي حڪومت پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”مس ڏکڻ آفريقا“ جي مقابلي جو اهتمام ڪندڙ اداري اسرائيل ۾ ٿيندڙ ”مس يونيورس“ جي مقابلي ۾ شرڪت جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي، ان جو حڪومت سان ڪو واسطو ناهي.

واضح رهي ته اهو مقابلو ايندڙ مهيني ڊسمبر جي 12هين تاريخ تي اسرائيل جي شهر ايلات ۾ ٿيڻ وارو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.