گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار جي معاملي تي سعيد غني وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ افرادي قوت ۽ محنت کاتي جي وزير سعيد غني چيو آهي ته جتي 25 هزار پگهار نه پئي ملي، اسان کي ٻڌايو ايڪشن وٺنداسين.

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران نصرت سحر عباسي پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار مقرر ڪرڻ جو معاملو اٿاريندي چيو ته وڏي وزير گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي پر اها نه پئي ملي، ڇا سڄي صوبي ۾ 25 هزار پگهار ملي رهي آهي؟

صوبائي وزير سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار بابت اسان ٽي وي تي مهم هلائينداسين، جتي 25 هزار پگهار نه پئي ملي، اسان کي ٻڌايو ايڪشن وٺنداسين.

هن چيو ته مهانگائي سبب پورهيت جو گذارو ڏکيو ٿي ويو آهي، ورڪرز لاءِ بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهيون، ان ڪارڊ ذريعي ورڪرز کي سڀ سهولتون ملنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.