سيد مراد علي شاهه ”ميزلس ۽ روبيلا“ ويڪسين مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ تاريخي اسڪول اين جي وي ۾ ميزلس ۽ روبيلا ويڪسين مھم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي کي ميزلس ۽ روبيلا کان پاڪ ڪرڻ چاھي ٿي، اي پي آءِ ٻارن ۾ مختلف بيمارين خلاف مدافعتي قوت وڌائڻ تي ڪم ڪري رھي آھي.

هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ميزلس ۽ روبيلا خلاف خاص مھم شروع ٿي رھي آھي، سنڌ ۾ 9 کان 15 سالن جي 19 ملين ٻارن کي ٽڪا لڳائڻ جو ھدف آھي، جڏهن ته مھم ۾ 5 سال تائين 8.2 ملين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پياريا ويندا.

سندس چوڻ هو ته تعليم کاتي جي سھڪار سان صحت کاتو 6.5 ملين ٻارن کي 71856 خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ويڪسين ڪندو، ٻارن پنهنجي ٻارن کي ميزلس روبيلا جي ويڪسين لڳرائن.

سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ھلندڙ سال صوبي ۾ پوليو جو ڪو بھ ڪيس سامھون نھ آيو آھي، پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ماحولياتي نمونا منفي آيا آھن، ميڊيا جو ٿورائتو آھيان جنھن پوليو جي خاتمي ۾ حڪومت جو ھٿ ونڊايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.