ڄامشورو: تيز رفتار ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 14 ڄڻا زخمي

 

ڄامشوري ڀرسان انڊس هاءِ وتي تيز رفتار ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڄامشورو ڀرسان ٿرمل پاور هائوس وٽ  انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ اوورٽيڪ دوران ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ايمبولنسز واقعي هنڌ پهچي زمين کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عملو ۽ سهولتون نه هجڻ ڪري کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

زمين ۾ احسان سولنگي، زيب النسا، رضا محمد سڌايو، محرم ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.