چمبڙ: واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم ڪندڙ موٽر خراب، پاڻي جي فراهمي بند

 

چمبڙ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان واٽر سپلاءِ جو پاڻي فراهم ڪندڙ موٽر خراب هجڻ ڪري پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتي.

8 ڏينهن کان پاڻي بند هجڻ سبب شهر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي جنهن سبب شهري پريشانين جي ور چڙهي ويا.

شهرين  جو چوڻ هو ته جرجو پاڻي کارو زھر آھي، پيئڻ لاءِ واٽر سپلاءِ جو پاڻي استعمال ڪندا آهيون، جيڪو ڪيترن ئي ڏينهن کان نه پيو اچي جنهن سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، لاڳاپيل اداري پاران هن وقت تائين نوٽيس ناهي ورتو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي فراهمي بحال ڪري پريشانيون گھٽايون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.