ميرپوربٺورو: ويڪسينيٽرز ايسوسيئيشن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

 

ميرپور بٺوري ۾ ويڪسينيٽرز ايسوسيئيشن پاران ارڙي ،روبيلا جي ويڪسين جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ تعلقه اسپتال بٺورو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ملازمن بشرا آرائين، ممتاز ميمڻ ، شازيا عدنان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت 336، ويڪسينيٽرن کي نوڪرين تان برطرف ڪري سخت ناانصافي ڪئي وئي آهي مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود جا جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن.

هنن  چيو ته اڄ کان ارڙي، روبيلا جي ويڪسين ٿيڻي هئي جنهن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي اپگريٽ ڪري ٽائيم اسڪيل ڏئي برطرف ڪيل ويڪسينيٽرن کي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.