حڪومت کي وڏو ڌڪ، اپوزيشن ۽ اتحادي هڪ پيج تي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن ۽ حڪومتي اتحادين ۾ رابطا بحال ٿي ويا.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن جي معاملي تي گڏيل اپوزيشن ۽ حڪومت جون اتحادي جماعتون هڪ پيج تي اچي ويون آهن.

ذريعن موجب اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن تي حڪومتي اتحادين ۽ اپوزيشن ۾ مسلسل رابطا ٿي رهيا آهن، گڏيل اپوزيشن ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ تجويزن تي مشاورت ٿي آهي.

هوڏانهن پارليامينٽ ۾ گڏيل اپوزيشن جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جا سمورا ميمبر حاضري يقيني بڻائيندا.

اپوزيشن طرفان حڪومتي قانون سازي جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي امير سراج الحق، آفتاب شيرپائو، اختر مينگل، امير حيدر هوتي، محسن داوڙ، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ ٻين سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.