حڪومت جو پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي گهرائڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 17 نومبر اربع تي گهرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

حڪومتي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اتحادين سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع ڏينهن 12 وڳي گهرائي رهيا آهيون، جنهن ۾ 8 بل پيش ڪيا ويندا، سمورا اتحادي گروپ گڏ آهن.

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ن ليگ 2015 ۾ راڻا شميم کي گلگت بلتستان جو چيف جج لڳايو هو، خبر ۾ جنهن جج جو نالو ورتو ويو هو بئنچ ۾ ئي نه هو.

شهباز گل چيو ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته انهن وٽ هڪ ئي نوٽري پبلڪ آهي، جيڪو ڪاغذ نوٽرائز ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.