بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف ۾ اهم ڳالهه ٻولهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ اپوزيشن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون.

بلاول هائوس جي ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ پارلياماني صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ اپوزيشن جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف کي چيو ته پارليامينٽ ذريعي حڪومت جي سڀني پاليسين کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو، پارليامينٽ اهو فورم آهي، جتي عوامي نمائندا عوام جو ڪيس وڙهندا آهن.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو خوشي آهي ته اپوزيشن گڏيل حڪمت عملي ذريعي پارليامينٽ جي محاذ تي حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.