ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ باهه، واپارين وڏو الزام هڻي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪو آپريٽو مارڪيٽ جي واپارين الزام هنيو آهي ته مارڪيٽ ۾ باهه ڪيميڪل وجهي لڳائي وئي.

صحافين سان ڳالهائيندي واپارين چيو ته مارڪيٽ ۾ باهه سان متاثر دڪانن جو انگ 500 آهي، 10 منٽن ۾ سڄي مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ جو امڪان نه هو، ڪيميڪل وجهي مارڪيٽ ۾ باهه لڳائي وئي.

هنن چيو ته ڪو آپريٽو مارڪيٽ ۾ سڙندڙ دڪانن جو انگ 250 کان 300 تائين پهچي ويو آهي، جنهن جي نقصان جو ڪاٿو 5 کان 10 ارب رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.