قذافي جي پُٽ صدارتي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

پريپولي(ويب ڊيسڪ)لبيا جي اڳوڻي حڪمران معمر قذافي جي پُٽ سيف السلام صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.

واضح رهي ته لبيا جي پهري سِڌي ريت صدارتي چونڊن جو پهريون مرحلو 24 ڊسمبر تي ٿيندو.

2011 ۾ لبيا جي اڳواڻ معمر قذافي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ کان لبيا ۾ خانا جنگي جاري آهي.

2015 ۾ لبيا ۾ هڪ عدالت سيف الاسلام قذافي سميت 9 ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

سيف السلام قذافي ۽ ٻين جوابدار تي قذافي حڪومت خلاف 2011 جي عوامي تحريڪ دوران قتل ۽ ٻين ڏوهن جو الزام هو.

انکانپوءِ 2017 ۾ 6 سالن جي قيد کانپوءِ سيف السلام قذافي کي آزاد ڪيو ويو هو، ان جي آزادي هڪ معاهدي تحت عمل ۾ آئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.