راڻا شميم جا انڪشاف: ن ليگ جو پارليامينٽ ۾ آواز اٿارڻ جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جي انڪشافن جو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته راڻا شميم جي انڪشافن تي قانوني ڪارروائي لاءِ به مشاورت ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ خواجا آصف ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ن ليگ راڻا شميم جي انڪشافن جو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿاريندي ۽ انهن انڪشافن تي قانوني ڪارروائي لاءِ به مشاورت ڪنداسين، اسان کي راڻا شميم جي بيان تي يقين ڪرڻو پوندو، اهڙي قسم جون چونڊون ٿينديون ته اهڙيون ئي اسيمبليون ملنديون، فيصلن ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف خلاف ڪرپشن ڪو ڪو ثبوت ناهي.

هن چيو ته راڻا شميم بنا ڪنهن دٻاءَ جي حلفي بيان جاري ڪيو آهي، پاڪستاني عوام کي به سچ جي خبر پوڻ گهرجي، چونڊن جي عمل ۾ مداخلت هجي ته ڇا اسان پڇڻ جو حق نٿا رکون؟ جيڪڏهن ملڪ جو چيف جسٽس ملوث هجي ته انصاف ڪٿي ملندو؟ نواز شريف کي هڪ پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو، نواز شريف جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مانيٽرنگ جج مقرر ڪيو ويو، حقيقت واضح ٿي وئي آهي ته عمران خان ڪيئن آيو.

خواجا آصف چيو ته راڻا شميم جي معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسان اهو معاملو پارليامينٽ ۾ کڻي وينداسين ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ به مشاورت ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.