ميروخان: ٽائون ڪميٽي ملازمن جو پگهارون ٽريزري ذريعي ڪرائڻ لاءِ احتجاج

 

ميروخان ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي سڏ تي ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران پگهارون ٽريزري ذريعي ڪرائڻ لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن مجاهد سومرو، امام الدين تونيو ،سليم لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ لوڪل گورنمينٽ جا ملازم آهن جن کي مهينن جا مهينا پگهار وقت سر نه ٿي ملي جنهن ڪري ملازم سخت پريشان آهن.

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته لوڪل ملازمن جي پگهار ٽريزري ذريعي ڪري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.