ڌاٻيجي: ٺٽي جي استادن پاران مچ ڪچهري ڪرائي وئي

 

سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور تي ٺٽي جي استادن پاران مچ ڪچهري جو پروگرام ڪرايو ويو.

مچ ڪچهري جي پروگرام ۾ سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊي اي او ايليمينٽري نصير ميمڻ، صديق پليجو، ثناءُالله جوکيو ۽ ٻين چيو ته هر سال جيان هن سال به سال لطيف شناسائي جي پروگرام جي شروعات سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور کان ڪئي آھي اهڙن پروگرامن سان سنڌ جي شعور ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.

هنن چيو ته سنڌ جا تاريخ ماڳ ڌرتي ڌڻين جي ملڪيت آھن انهن  جي مالڪي ڌرتي تي وسندڙ ھر ماڻھو کي ڪرڻ کپي ڇا ڪاڻ ته اسان جي هزارين سال پراڻي هڪ تاريخ ۽ تهذيب رھي آھي جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر باشعور ماڻھو کي اڳتي اچي ڪري پنهجي تاريخي ماڳن سميت پنهجي ثقافت جي مالڪي ڪرڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.