شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جو نالو عارضي طور اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پ پ اڳواڻ دبئي ۾ ٿيندڙ نمائش لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت گهري هئي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت شرجيل ميمڻ کي نمائش لاءِ فوڪل پرسن بڻايو آهي، تنهن ڪري حڪومت طرفان ان جي شرڪت ضروري آهي، عدالت کيس وڃڻ جي اجازت ڏئي، هو 15 ڊسمبر کان 29 جنوري 2022 تائين دبئي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو.

عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ شرجيل ميمڻ جي وڪيل جو موقف ٻڌڻ کاپوءِ پ پ اڳواڻ جو نالو عارضي طور اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت شرجيل ميمڻ کي 10 لک رپيا ضمانت جي پئسي طور جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.