پنجاب حڪومت سموگ کي آفت قرار ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سموگ کي آفت قرار ڏئي ڇڏيو.

پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور سموگ کي آفت قرار ڏيندي چيو ته اينٽي سموگ اسڪواڊ قائم ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته صنعتي گدلاڻ تي به ڪڏهن ڪا پاليسي نه ٺاهي وئي پر اسان جي حڪومت ان معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي.

هوڏانهن پنجاب جي ماحولياتي واري وزير محمد رضوان چيو تنقيد ڪندڙ ٻڌن ته گذريل ٻه سال سموگ نه هو، گذريل ٻه سال هڪ سيڪنڊ به سموگ نه هجڻ جو سبب ڪورونا لاڪ ڊائون هو، سچ اهو آ ته ٻه سال موسم به سٺي هئي، اسڪول ۽ آفيسون به بند هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.