گھوٽڪي: ڳوٺاڻن جو پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

گھوٽڪي ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي چڙهائي ۽ ماڻهن کي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پورهيت رب ڏنو شيخ , مائي حوا ٻارن سان گڏ احتجاج ڪرڻ بعد الزام هڻندي چيو ته گذريل رات گهوٽڪي پوليس گھر تي  بنا جواز  چڙهائي ڪري  پورهيت احمد دين شيخ , مائي ممتاز ۽ ٻن معصوم ٻارن  انم ۽ سونم شيخ کي کنڀي کڻي وئي آهي، مسڪين آهيون پوليس بنا جواز  گهر تي چڙهائي ڪري ظلم ڪيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي کنڀيل پورهيت، عورت ۽ سندن ٻارن کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.