قمبر: ميونسپل ڪميٽي ملازمن جو ٽريزري ذريعي پگهارون ڪرائڻ لاءِ ڌرڻو

قمبر ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران پگهارون ٽريزري ذريعي ڪرائڻح لاءِ ڌرڻو هنيو ويو.

آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن پاران پگهارون ٽريزري ذريعي ڪرائڻ لاءِ ميونسپل آفيس کان ريلي ڪڍي شهدا چونڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي اڳواڻن مختيار خاصخيلي، عاشق گوپانگ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ لوڪل گورنمينٽ جا ملازم آهن جن کي مهينن جا مهينا پگهار وقت سر نه ٿي ملي جنهن ڪري هو سخت پريشان آهن.

هنن سنڌ حڪومت کان ڪحمطالبو ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي پگهار ٽريزري ذريعي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.