ڏهرڪي: مڪاني کاتي جي ملازمن جون پگھارون ٽريزري نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ڏھرڪي ٽائون ايمپلائيز يونين (سي بي اي)پاران مڪاني کاتي جي ملازمن جون پگھارون ٽريزري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن منير سومرو،عابد ڀٽو، رحيم مھر ۽ ٻين چيو ته  سند جي مڪاني کاتي جي ملازمن جون پگھارون ٽريزري نه  ٿيڻ ڪري ملازمن جي پگھارن مان ناجائز ڪٽوتي پئي ٿئي، فنانس کاتي طرفان ملازمن جي پگھارن لاءِ او زيڊ ٽي شيئر موڪليندي آھي انھي کي ڪوڙن بلن عيوض ھڙپ ڪيو پيو وڃي.

ھنن چيو سنڌ حڪومت گذريل چار سالن کان مڪاني کاتي جي ملازمن جون پگھارون ٽريزري ڪرڻ لاءِ ڏٽا ڏئي رھي آھي، ڪيترائي ڀيرا ليٽر جاري ڪيا ويا پر ملازمن جي پگھارون ٽريزري نه پيون ڪيون وڃن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ملازمن جون پگهارون ٽريزري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.