عمرو ادا ڪرڻ لاءِ جوڙو موٽرسائيڪل تي مڪي پهتو

ڪاهرا(ويب ڊيسڪ)موٽرسائيڪل تي سفر ڪرڻ جو جُنون ۽ عمرو ادا ڪرڻ جي شوق لاءِ مصري جوڙو 1200 ڪلوميٽر جو ڊگهو سفر ڪري حجاز مقدس پهچي ويو.

عرب ميڊيا موجب مصر جي شهر طنطا سان واسطو رکندڙ زال مڙس عمرو ادا ڪرڻ جي لاءِ موٽرسائيڪل تي مڪي پهچي ويا.

مصري شهري عمر ابو دائود موجب ان کي ننڍپڻ کان ئي موٽرسائيڪلن سان عشق هو ۽ انکانپوءِ موٽرسائيڪلن جي شوقين ماڻهن جي وڊيوز ڏسڻ کانپوءِ موٽرسائيڪل خريدڻ جو فيصلو ڪيو.

عمر ابو دائود سعودي عرب پهچڻ جي لاءِ 1200 ڪلوميٽر جو فيصلو موٽرسائيڪل تي طئي ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 48 ڪلاڪن جي هن ڊگهي ترين سفر ۾ ان جي گهرواري اسماء الجنزوري به گڏ هئي.

مصري جوڙي جو چوڻ آهي ته مصر ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ زميني رستو نه هجڻ جي ڪري انهن کي ٻيڙي تي به سواري ڪرڻي پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.