”ڪهڙا ڪهڙا لطيفا نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي مهم هلائي رهيا آهن.

ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته انصار عباسي صاحب جي هڪ حيرت ڏياريندڙ اسٽوري نظر مان گذري، جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب سان گڏ چانهه پي رهيو هو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته نواز شريف جي ضمانت چونڊن کان اڳ ناهي وٺڻي!

هن چيو ته ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آهن، اندازو لڳايو ته توهان ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو، هو فون ملائي توهان جي سامهون ئي هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آهي يا نه! جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم هجي.

سندس چوڻ هو ته بي وقوفاڻين ڪهاڻين ۽ سازشي ٿيورين بدران اهو ٻڌايو ته نواز شريف ايون فيلڊ اپارٽمينٽس، جيڪي پوءِ مريم نواز جي ملڪيت ۾ ڏنا ويا، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم نواز چيو منهنجي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت ناهي، هاڻ اربين رپين جي ملڪيت سامهون اچي وئي، ان جو جواب ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.