ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي بهترين ٽيم جو اعلان، بابر اعظم ڪپتان، ڪو به ڀارتي شامل نه

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي بهترين رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيادت قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽيم ۾ ڪو ڀارتي جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.

آءِ سي سي جي 12 رڪني ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ 2 پاڪستاني، 3 آسٽريلين، 2 انگلش، 2 سريلنڪن، 2 ڏکڻ آفريقي ۽ هڪ ڪيوي ڪرڪيٽر شامل آهي.

ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جي چونڊ آءِ سي سي جي 5 رڪني پئنل ڪئي ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه ته ڪو ڀارتي ٽيم ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ڪنهن به آءِ سي سي ايونٽ کانپوءِ ٺهندڙ ٽيم ۾ هڪ به ڀارتي شامل ناهي.

ٽيم ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، جوز بٽلر (وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين)، ڊيوڊ وارنر، اسالانڪا، ايڊن مارڪرم، معين علي، هسارنگا، ايڊم زمپا، جوش هيزل ووڊ، ٽرينٽ بولٽ ۽ اينرچ نورجي شامل آهن، جڏهن ته شاهين آفريدي ٻارهين رانديگر طور شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.