سون جي مُلهه ۾ وڏي گهٽتائي اچي وئي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون اگهن ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1900 رپيا لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 26 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿي هڪ لک 8 هزار 196 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1863 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.