ن ليگ سدائين رياستي ادارن تي حملو ڪيو، پاڻ ڦاسندي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي سپريم ايپليٽ ڪورٽ  جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم جي انڪشافن تي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ن ليگ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جي تاريخ رکي ٿي ۽ انهن سدائين رياستي ادارن تي حملو ڪيو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج جي حلفي بيان تي معاملي تي غور ڪيو ويو.

گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ سينيٽر بئريسٽر علي ظفر معاملي جي قانوني نڪتن تي بريفنگ ڏني.

شهزاد اڪبر چيو ظاهري طور لڳي ٿو ته ان پلان پويان نه ليگ آهي، حلفي بيان جو مقصد ن ليگ اڳواڻن خلاف ڪيسن کي تڪراري بڻائڻ آهي.

بئريسٽر علي ظفر چيو ته عدالتي ڪارروائي تي اثرانداز ٿيڻ تي عدالت جي توهين ٿئي ٿي.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ن ليگ عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ ۾ پنهنجي تاريخ رکي ٿي ۽ ن ليگ سدائين رياستي ادارن تي حملو ڪيو، سياسي مافيا پنهنجا ڪيس بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي، ن ليگ ان معاملي ۾ پاڻ ڦاسندي، معاملو عدالت ۾ آهي ۽ اها ئي ڏسندي.

اتحادين جي حوالي سان هن چيو ته انهن جا خدشا تمام جلد ختم ٿي ويندا، اتحادي اسان جي فيملي جيان آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.