وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حوالي سان سمري موڪلي وئي هئي، جنهن کي وزيراعظم طرفان منظور نه ڪيو ويو ۽ هاڻ هلندڙ مهيني پيٽروليم شين جون موجوده قيمتون برقرار رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.