سياري جي موسم ۾ وزن گهٽائڻ جو حل به ماهرن ٻڌائي ڇڏيو

ماهرن وڌندڙ وزن جو شڪار ماڻهن جي لاءِ ڪجهه اهڙيون خوراڪون ٻڌايون آهن جن جي استعمال سان سياري جي موسم ۾ وزن گهٽائي سگهجي ٿو.

گرمين جي مقابلي ۾ سياري جي موسم ۾ اسان وڌيڪ کاڌا کائيندا آهيون ۽ ان جي ڪري سياري ۾ گهڻو وزن وڌي ويندو آهي.

سياري جي موسم ۾ اهڙا ڪيترائي فروٽ ۽ سبزيون آهن جيڪي قدرتي طور تي به وزن گهٽائڻ جي لاءِ سڃاتيون وينديون آهن ۽ پيٽ جي وڌندڙ چرٻي کي به گهٽائي سگهن ٿيون.

گجرن ۾ اهڙيون غذائي شيون موجود آهن جن جي ڪري توهان کي گهڻي دير تائين بُک ناهي لڳندي ۽ توهان پاڻ کي ڀريل ڀريل محسوس ڪندا آهيو.

انکانسواءِ گجرن ۾ ڪيلوريز جي تعداد به گهٽ هوندو آهي ۽ اسان انهن کي مختلف طريقن سان پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪري سگهون ٿا.

چقندر وزن ۾ گهٽتائي جي لاءِ بهترين آهي، توهان ان مٽي واري سبزي کي سلاد ۽ جوس طور استعمال ڪري سگهو ٿا.

ان سان گڏ دارچيني قدرتي طور تي ميٽابولزم کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

هڪ تحقيق موجب دارچيني ۾ موجود cinnamaldehde  فيٽي ويسرل ٽشوز جي ميٽابولزم کي تيز ڪندو آهي ۽ وزن ۾ گهٽتائي کي به تيز ڪندو آهي.

انکانسواءِ هرٻي جا داڻا به شگر جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انسولين جي نيڪالي کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندا آهن، هرٻي جا داڻا ميٽابولزم کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، توهان هرٻي جي داڻن کي هڪ ڪوپ پاڻي ۾ پسائي صبح جو استعمال ڪري سگهو ٿا.

سڀ کان اهم زيتون سردين جي ذائقيدار فروٽن مان هڪ آهي، اهو غذائي ريشن سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو روز جي بنياد تي توهان جي فائبر جو لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو مقدار پورو ڪندو آهي.

اهو فروٽ توهان جي هاضمي واري نظام کي وڌائڻ ۾ به وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي ۽ تيز رفتار ميٽابولزم جي لاءِ سُٺو هاضمو ضروري آهي، جيڪو وزن گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.