نواز الدين صديقي جو فلمن جي ڪاميابي جي حوالي سان وڏو موقف

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري باليووڊ اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سينيما گهر ٻيهر کُلڻ کانپوءِ هاڻي رڳو غير معمولي مواد ڏسڻ لاءِ ئي ماڻهو سينيما گهرن جو رخ ڪندا.

نواز الدين صديقي ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هاڻي ماڻهن کي سينيمائن ڏانهن ٻيهر رخ ڪرائڻ ڏکيو آهي.

هن چيو ته رڳو غير معمولي مواد ئي ناظرين کي سينيما گهرن ڏانهن رخ ڪرائيندو.

اداڪار جو چوڻ هو ته هن وقت او ٽي ٽي تي جهڙي قسم جو مواد ڏيکاريو پيو وڃي ناظرين اهڙي ئي قسم جي مواد کي ڏسڻ لاءِ سينيما گهرن ۾ نه ويندا. او ٽي ٽي تي ڪجهه سال اڳ ئي تمام گهڻا سبسڪرائيبر موجود هئا.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن سينيما گهر کُليا هئا ۽ تمام گهڻي فلمن جي نمائش ٿي رهي هئي، ماڻهو ان وقت کان ئي او ٽي ٽي مواد ڏسڻ ڏانهن رخ ٿي رهيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.