ڪترينا ۽ وڪي جي شادي: مهمان ڪهڙا هوندا؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي جي مهمانن جي فهرست سامهون اچي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ۽ وڪي جي شادي جي مهمانن جي فهرست ۾ باليووڊ نگري جا ڪيترائي وڏا نالا شامل آهن.

هن وقت تائين جي اطلاعن موجب ڪرن جوهر، علي عباس ظفر، ڪبير خان، مني ماٿر، روهت شيٽي، سڌارت ملهوترا، ڪائرا آڏواڻي، ورن ڌون، نتاشا دلال ۽ ٻين جا نالا سامهون آيا آهن.

واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته ڪترينا ۽ وڪي جي شادي جون تقريبون 7 کان 12 ڊسمبر تائين ڪوٺايون وينديون.

رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته شادي جي لاءِ راجسٿان جي ضلعي سوائي ماڌوپور جي سڪس سينس فورٽ هوٽل ۾ بڪنگ ڪرائي وئي آهي.

وڪي ۽ ڪترينا جي ٽيمن اڳواٽ ئي جيپور وڃي انتظام شروع ڪري ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.