لمس جي ليبارٽري کي ڪورونا ڪٽس جي فراهمي بند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊائگنوسٽڪ ليبارٽري کي ڪورونا جي ٽيسٽن جي ڪٽس جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد سميت ريجن جي مختلف ضلعن ۾ ڪورونا جون ٽيسٽون به بند ٿي ويون آهن. ڪورونا جون ٽيسٽون بند ٿيڻ جي ڪري شڪي مريض سخت پريشان آهن ۽ هو خانگي ليبارٽرين مان ٽيسٽن لاءِ 5 کان 6 هزار رپيا في ٽيسٽ جي لاءِ رقم ڀرڻ تي مجبور آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته 4 ڏينهن اڳ لمس جي ڊائگنوسٽڪ ليبارٽري کي ڪٽس جي فراهمي بند ٿي وئي هئي، جنهن جي ڪري لمس مان ڪورونا جي ڪا به مفت ٽيسٽ نه پئي ڪئي وڃي. حيدرآباد ۾ ڪورونا جي شرح ٻين ضلعن کان وڌيڪ آهي ۽ هن ضلعي ۾ روزانو جي بنياد تي هزار کان 1200 نمونا وٺي ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون وينديون هيون، جيڪو سلسلو هاڻي بند ٿي ويو آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.