خانپور ويجهو جتوئين ۾تڪرار جو نبيرو، 83 لک ڏنڊ

شڪارپور/خانپور/لکي غلام شاهه (نمائندا ) خانپور ويجھو رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادريءَ جي چئن پاڙن ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار مان ٻن پاڙن سعدخاناڻي جتوئي ۽ گھراڻي جتوئين جي ڌرين م جتوئي برادريءَ جي سردار فتح محمد جتوئي ، اڳوڻي ايم اين اي  ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي، عابد حسين جتوئي، امير علي جتوئي  جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٻنھي ڌرين تي 4  قتلن ۽ 7 زخمين جا مجموعي طور 80 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو في خون بھا 15 لک روپيه مقرر ڌرين جا ھڪ ٻئي تي 2 ، 2  خون ثابت ٿيا ، گھراڻي جتوئين جي 2  زخمين جا  6 لک روپيه ۽ سعدخاناڻي جتوئين جي ھڪ عورت ۽ ھڪ مينھن سميت  6 زخمين جا 17 لک روپيه ، ڌريون  ٽن مھينن جي قسطن ۾  ڏنڊ ادا ڪرڻ جون پابند رھنديون  ڪمالاڻي ۽ عطراڻي برادريءَ جي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙي ۾ ھڪ ٻئي جي مدد  ڪرڻ  تي جھيڙو چئن پاڙن ۾ وڌي ويو ھو جنھن مان بن ڌرين سعدخاناڻي جتوئي ء گھراڻي جتوئين جي وچ ۾ نبيرو ٿي ويو  آھي،باقي رھيل ڪمالاڻي جتوئين ۽ عطراڻي جتوئين جي ڌرين وچ ۾ فيصلو اڄ 15  نومبر  رٿيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.