گهر ٻاهران بيهڻ تي نوابشاهه ۾ نوجوان تي تشدد، احتجاج

نوابشاھه ( ڊ ر ) نوابشاھ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي ۾ واقع تاج ڪالوني واري علائقي ۾ نوابشاھ جي نوجوان صحافي عبدالفتاح رند جو ڀائٽيو ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ ۽ سنڌ اندر راڄوڻي فيصلا ڪرڻ جي حوالي سان مشھوري ماڻيندڙ شخصيت رئيس ايوب خان رند جو پوٽو امجد علي پُٽ عبدالحفيظ رند پنھنجي دوستن سان ملڻ ويو تہ علائقي جي اوباش بُڙدي برادري جي نوجوانن وقار، خدا بخش، روشن، اصغر، بابر ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن امجد علي رند تي لٺين، پسٽل، ڪلپن سان حملو ڪري امجد علي تي بيرحماڻو تشدد ڪرڻ بعد کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو بعد ۾ عبدالفتاح رند ۽ ٻين کي اطلاع مليو تہ انھن وڃي امجد علي رند کي زخمي حالت ۾ کڻائي پي ايم يو اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽر ايمرجنسي بنيادن تي امجد علي رند جو علاج ڪرايو ۽ سندس زندگي بچائي انھي سلسلي ۾ نوجوان صحافي عبدالفتاح رند ٻڌايو تہ منھنجو ڀائٽيو امجد علي رند ڪاليج جو شاگرد آھي انھي جو بُڙدي برادري سان ڪو بہ واسطو تقرار وغيرھ بہ نہ آھي بنا ڏوھ جي بُڙدي برادري جي اوباش ۽ لوفر نوجوانن شراب جي نشي ۾ دُت ٿي منھنجي خالي ھٿين ڀائٽي تي حد کان وڌيڪ تشدد ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.