بٺوري ۾پوليس تشدد جو شڪار پورهيت جو احتجاج

ميرپوربٺورو (ن ع آ) جهوڪ شريف پوليس هٿان کنڀي تشدد جو نشانو بڻيل اقليتي مزدور نوجوان سان انصاف نه ٿيو، ايس ايڇ او جھوڪ ڪوبه ڪيس داخل نه هئڻ باوجود وڏيرن جي چرچ تي بيگناھ واڙي سڄو ڏينهن ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو، انصاف ڪيو وڃي، اقليتي نوجوان جو صحافين آڏو احتجاج، انهي سلسلي ۾ جھوڪ شريف جي ٽائر پنچر ٺاهيندڙ مزدور مڪيش ڪمار هتي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جھوڪ شريف جي ايس ايڇ او وڏيرن جي چرچ تي دڪان تان کڻي لاڪپ ڪري واڙي ڇڏيو ۽ سڄو ڏينهن کيس سخت تشدد جو نشانو بنائندو رهيو جنهن بعد رات جو کيس ڇڏيو ويو،هن چيو ته هو ڪڏهن به ڪنهن بري عمل ۾ ملوث نه رهيو آهي پر تنهن هوندي به کيس چوري جي ڪوڙي الزام ۾ واڙي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او جھوڪ جي اهڙي عمل خلاف شڪايتون اماڻڻ تي مختلف طريقن سان ڌمڪائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن چيو ته ايس ايڇ او جھوڪ وڏيرن جي ونگاري آهي کيس وڏيرن جي چرچ تي اقليتي هئڻ جي ڏوھ ۾ بيگناھ تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي ، هن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او جھوڪ خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.