لاڙڪاڻي اسپتال ۾ گارڊ سان منهن مار ي، پيرسن پٽ سميت گرفتار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڪنگا واسي ڳوٺاڻي محمد صالح عمراڻي پنهنجي 5 سالن جي پٽ آفتاب عمراڻي کي تيز بخار سبب طبيعت خراب ٿيڻ تي شيخ زيد چلڊرين اسپتال آندو جتي مُک گيٽ وٽ سيڪيورٽي گارڊ سان منهن ماري ڪرڻ تي پوليس ڳوٺاڻي کي بيمار پٽ سميت حراست ۾ وٺي سچل ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو اهڙي واقعي خلاف وارثن پاران شيخ زيد روڊ تي ٽيبلون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن اسپتال انتطاميه ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پيارو عمراڻي، آفتاب عمراڻي، اميد علي عمراڻي ۽ ٻين دانهيو ته اسان جي وارث محمد صالح عمراڻي پنهنجي بيمار پٽ کي کڻي علاج لاءِ شيخ زيد اسپتال کڻائي آيو هو. هنن الزام لڳايو ته مک گيٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪار محمد صالح عمراڻي سان منهن ماري ڪري کيس چنبا هڻي ڌڪا ڏنا ۽ پوليس گهرائي کيس پٽ سميت سچل ٿاڻي تي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته سيڪيورٽي گارڊ ۽ اسپتال انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري محمد صالح عمراڻي کي پٽ سميت آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن ڌرڻي دوران ايس ايڇ او سچل نيئر بروهي حراست ۾ ورتل ڳوٺاڻي محمد صالح عمراڻي ۽ سندس پٽ کي ڇڏي ٿاڻي ڏانهن هليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.