نوجوان جا قاتل گرفتارڪريو، ڳڙهي حسن ۾وارثن جو ڌرڻو

ڳڙهي حسن (ن ع آ)  ڳڙهي حسن ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ ميڊيڪل اسٽور تي قتل ڪيل فرحان سرڪي. جي وارثن غلام ياسين سرڪي. اسلام سرڪي. نظير سرڪي. لطيف سرڪي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين دانهيندي چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ نوجوان فرحان سرڪي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جنهن جا جوابدار پوليس گرفتار نه ٿي ڪري ڳڙهي حسن پوليس خون سان انصاف  ڪرڻ بجاءِ اسان کي دربدر ڪري ٿي، ٻئي پاسي ڊي ايس پي ڳڙهي حسن غلام اظهر ڪولاچي پهچي سندس ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جي قتل ۾ مک جوبدار اسان پهرين ڏينهن گرفتار ڪري سندس جيل موڪليو آهي  الزام هيٺ آيل ٻه جوبدار عبدالرشيد ۽ فريد سرڪي جي ناجائز ڪيس داخل ڪرڻ جي ڏنل ڊي آءِ جي کي درخواست تي جاچ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي  ڪيس اسان کان ٽرانسفر ٿيل آهي اسان ڪجھه به نه ٿا ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.