نئون ڳوٺ ڀرسان قتل جو جرڳو، ڏوهي ڌر تي 2 ايڪڙ ڏيڻ جو ڏنڊ

نئون ڳوٺ(ن ع آ) ڳوٺ گنجا ۾ ڪجهه مھينا اڳ قتل ٿي ويل 25 ورھين جي نوجوان صدام جھتيال جي قتل جو جرڳو جھتيال قبيلي جي چڱي مڙس منور جھتيال ۽ مير مظھر جھتيال ڪيو جنھن ۾ مقتول ۽ جوابدار ڌر جي  انصاف جهتيال‚ محمد ايوب جهتيال‚ واحد بخش جهتيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي ڌرين جي ڳالھين ٻڌڻ بعد سرپنچ منور جھتيال فتوي ڏيندي جوابدا ڌر مٿان ٻه ايڪڙ زمين مقتول جي پٽ منصور نالي ڪئي ويندي ۽ الزام ھيٺ آيل ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻن جوابدارن فاروق جھتيال ۽ بشير جھتيال کي ڳوٺ نيڪالي سان گڏ تڏو ميڙ پڻ مقتول ڌر ڏانھن کڻي ويندا.

  • ملير جي جيل مان 20 ڀارتي مهاڻا آزاد

ملير (ڊ ر) ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان خير سگالي طور 20 ڀارتي ماهيگير آزاد، ڀارتي ماهيگيرن کي ايڌي فائونڊيشن بس ذريعي لاهور روانو ڪيو ويو، آزاد ٿيندڙ ماهيگيرن کي واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو، خبر موجب ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان خير سگالي طور قيد 20 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو، آزاد ٿيندڙ ڀارتي مهاڻن کي ايڌي فائونڊيشن بس سروس ذريعي لاهور پهچايو ويندو، جتان سڀاڻي (اڄ) واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو، آزاد ٿيندڙ ڀارتي مهاڻن ۾ رنوير، بابو، ڀوپت، نارائڻ، ڀويش، ارجن، پاريش، مڪوار ڪمار، وجي، همٿ، جسيب، واجهو، رويندر، رانسي، پولا، ميپا، بسو، دانا ۽ رخد مهاڻا شامل آهن،ڀارتي قيدي آزادي واري موقعي تي جيل سپريٽينڊنٽ ملير سيد ارشد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي هدايتن تي سنڌ حڪومت جي آرڊر تي خير سگالي طور چئن سالن کان ملير جيل ۾ قيد 20 ڀارتي ماهيگيرن کي آزاد ڪيو پيو وڃي، ڀارتي مهاڻن کي سامونڊري حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو، ڀارتي هائي ڪميش جي ڪنفرميشن تي گرفتار ٿيل مهاڻان ڀارتي آهن وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي آرڊرز تي کين اڄ آزاد ڪيو پيو وڃي ايڌي فائونڊيشن جي تعاون سان بس وسيلي لاهور پهچايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.