باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، هفتي وار احتجاج، ايم پي اي خلاف نعريبازي

باڊھه (ن ع آ  ) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، سياسي سماجي اڳواڻن پريس ڪلب پهچي زيب علي ساريو، ڪامريڊ قادر بروهي، جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن عزيز بروهي، اصغر نوناري، منور نوناري، فدا حسين تنيو، واحد ڪانڌڙو، اصغر ساريو، اصغر ميراڻي، اظهر علي ميراڻي، نظام ڪولاچي، نبي رضا بلوچ، طاهر نور هيسباڻي ۽ ٻين  بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اسين باڊهه واسي گذريل اڍائي سالن کان شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ نه رڳو باڊهه ۾ هفتيوار احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر اسين وقت جي حڪمرانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪيو آهي، پر افسوس آهي جو اسان جي هن آواز کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته باڊهه مان چونڊيل ايم پي اي حزب الله ٻگهيو باڊهه تعلقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي، جيڪو باڊهه جي عوام جو ساٿ ڏيڻ بدران شهرين پاران جوڙيل باڊهه تعلقه موومينٽ جي اَڻٿڪ جدوجهد تي ٺٺوليون ڪري رهيو آھي ۽ تحريڪ کي ختم ڪرائڻ لاءِ مختلف حربا هلائي رهيو آھي. هنن چيو ته سنڌ ۾ چونڊيل ايم پي اي غريب ۽ هٿين خالي بيگناهه مسڪين ماڻهن تي گوليون هلائي کين قتل ڪري رهيا آھن. اهڙيءَ طرح اسان جي علائقي جو ايم پي اي حزب الله ٻگهيو به باڊهه واسين جو قاتل آھي، جنهن باڊهه جي ماڻهن جي ارمانن ۽ خواهشن جو قتل عام ڪيو آھي، پ پ قيادت ۽ سنڌ جو وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.