سنڌ جا ماڻهو جديد دور ۾ به وڏيرن جا غلام بڻيل آهن:شاهپور ۾ ڪانفرنس

شاهپورچاڪر (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ طرفان شاهپور چاڪر ۾ “عورتن تي ظلم بند ڪريو” جي عنوان سان ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.  ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن شامل ٿي جاگيرداري نظام خلاف آواز بلند ڪري عورتن تي ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڪارو ڪاري_ نامنظور، جاگيرداري نظام_ نامنظور، زوري شادي جي زنجير_ نامنظور، جبري مذهب مٽائڻ_ بند ڪريو، عورتن تي ظلم_ بند ڪريو جي زوردار نعرا هڻايا ويا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هن جديد دور ۾ سنڌ کي قبائلي نظام جي حوالي ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ عورتن تي ظلم ۾ روزني اضافو ٿي رهيو آهي. مردار جاگيرداري نظام کي قبر مان ڪڍي تيل ڦليل هڻي جيئاري عورتن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي. سنڌ ايپيڪس ڪميٽي قبائلي سردارن کي قبائلي تڪرار حل ڪرڻ جو اختيار ڏئي سڌي طرح ڪارو ڪاري، سڱ چٽين، زوري شادين ۽ جبري مذهب مٽائڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس صاحب سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي انسان دشمن فيصلن جو نوٽس وٺي جيڪا جاگيرداري نظام کي هٿي ڏئي سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۾ شريڪ آهي ان سان گڏ وڏيون جاگيرون ٽوڙي زمينون سنڌ جي بي زمي هارين ۽ هارياڻين ۾ ورهايون وڃن. خالي پيل سرڪاري زمينون توڙي بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي، ذولفقار آباد ۽ ٻين غير قانوني رهائشي اسڪيمن جي قبضي هيٺ آيل زمين ۽ پلاٽ به سنڌ جي بي زمين ۽ بي گهر مقامي هارين، هارياڻين ۽ مزدورن ۾ ورهايا وڃن. ان موقعي تي نوجوان ليکڪ قاسم سوڍر جي لکيل ڪتاب “فينزم ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد،” جي مهورت ڪئي ويئي. ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ قبضاگيرن جي سرپرستي لاءِ پوليس جهڙي اداري کي جاگيردارن ۽ قبضاگيرن جو ذاتي نوڪر بڻايو ويو آهي. سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار عوام دشمن آهي. پوليس اڃا تائين سنڌ تي انگريز سامراج جي حڪومت سمجهي رهي آهي جنهن ڪري پوليس جي آفيسرن جو سنڌي عوام سان رويو نازي قيدين جهڙو آهي.پوليس کان ڪو به پڇاڻو نٿو ٿئي ته توهان وٽ جيڪي ماڻهو دانهي ٿي آيا آهن انهن جي دانهن تي ڪو داد فرياد ڪيو اٿو يا نه؟ پوليس جي اڍنگي روئي جي ذريعي سنڌ ۾ لاقانونيت واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. جاگيردار، پير، مير، وڏيرا ۽ ڀوتار قبضا ڪنِ ٿا، عورتن تي تشدد ڪن ٿا پر پوليس ڪا به قانوني ڪاروائي ڪرڻ بدران انهن ظالم ۽ جابر وڏيرن جي طرفدار بڻيل آهي. ڪنهن به واقعي جي ايف آءِ آر جهڙي بنيادي انساني حق لاءِ به پوليس ماڻهن کان لکين روپيا رشوت اوڳاڙي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين جاگيرداري نظام جو خاتمو آڻي، پوليس، روينيو ۽ ٻين رياستي ادارن کي جاگيردارن جي جاگير مان ڪڍي عوامي ادارا نه بڻايو ويندو اوستائين سنڌ جون عورتون ۽ مرد ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجهندا رهندا. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عمرا سمون خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عورتن تي ظلم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي جاگيردارن جو نوڪر بڻايو ويو آهي. پوليس قانون بدران دهشتگرد، جاگيردارن ۽ قبضاگيرن جي حڪمن تي هلي ٿي. ڪاانفرنس کي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن شمشاد لغاري، مريم انڙ، مهتاب ڏاهري، زاهده ڏاهري، پريمي ڀيل، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن گل حسن ڪيڙانو، عبدالستار رند، اظهار دائودپوٽو، راڻو ڪنڊاڻي، استاد دائود ڏاهري، عطالله انڙ، عالم لغاري، مير خادم عمراڻي قائم انڙ، ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.