ٽنڊو غلام علي پوليس پاران ڇاپا، 490 گرام چرس هٿ

راڄوخاناڻي(ن ع آ ) ٽنڊو غلام علي پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او عاشق حسين ڀنڊ پنهنجي عملي اسٽاف کي ساڻ کڻي رمضان ڪنڀار کان 490 گرام چرس ھٿ ڪرڻ جي دعوا ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي۽ کيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي ٽنڊو غلام علي پوليس ايس ايڇ او عاشق حسين عاشق جي سربراهي ۾ ڪچي شراب جي ٻن بٺين تي الڳ الڳ ڇاپا مار ڪارروائيون ڪري ھڪڙي شراب جي بٺي تان 103 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪندي لعل خان نالي ھمراھ کي گرفتار ڪري ورتو آهي .جڏهن تہ پوليس دعوا ڪئي ته ھڪ ٻئي شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي 308 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ٽن ڄڻن اشرف کوسو مير محمد اسحاق کوسو گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.

  • قمبر لڳ گهر جو در ڪرڻ سبب پيرسن زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر ويجهو ڳوٺ محمد پناهه جاگيراڻي ۾ گهر جي در ڪرڻ سبب 65 سالن جو پيرسن غلام مرتضيٰ جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران مبينا طور پيرسن کي علاج نه ڪرڻ توڙي عملي جي بدتميزي خلاف وارثن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي زخمي پيرسن جي سئوٽ محرم علي جاگيراڻي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته اسان پنهنجي سئوٽ کي زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جو علاج نه ڪيو ۽ رت جي چڪاس جي لاءِ ليباريٽري موڪليو جتي جاني شيخ نالي ٽيڪنيشن اسان سان بدتميزي ڪري گٿا لفظ ڳالهايا جيڪا وڏي ناانصافي آهي.هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري زخمي پيرسن جو علاج ڪري سندس زندگي بچائي وڃي. هوڏانهن اسپتال انتظاميه طرفان زخمي پيرسن کي علاج فراهم ڪرڻ جي خاطري بعد وارثن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

  • خانپور مهر ۾سماجي برائين خلاف جي يو آءِ جو احتجاج

خانپورمهر (ن ع آ ) خانپورمھر لڳ جعفر فقير جي ميلي جي آڙ ۾ جوا ۽ سماجي براين خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو،  حافظ نصرالله گبول، مولوي امين گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خانپورمهر ٿاڻي آڏو جي يو آءِ جي ڪارڪنن ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، ان سلسلي ۾ جي يو آءِ  ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته لنڊ بازار ۾ جعفر فقير جي ميلي جي آڙ ۾ شراب، جوا ۽ ٻيون سماجي برايون پکيڙيون پيون وڃن، سماجي براين کان روڪڻ تي الٽو بااثر ماڻهن جي يو آءِ  ڪارڪنن سان بدتميزي ڪئي، مظاھرين جو چوڻ آهي ته ميلو بند نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو ، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ميلي جي آڙ ۾ هلندڙ سماجي برايون بند ڪرايون وڃن. ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.