وڌندڙ بدامني ۽ مهانگائي خلاف شهدادڪوٽ ۾احتجاج، شهيد ڀٽو جو ڌرڻو

شھدادڪوٽ ( رپورٽ : ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي (شھيد ڀٽو) جي مرڪزي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بدامني خلاف ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي, ان موقعي تي اڳواڻن منير بروھي, وزير کوسو, ذوالفقار  مگسي,عبدالستار بروھي, فيض مينگل مشتاق بروھي علي ۽  ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي اڍائي سالن جي حڪومت ملڪ جي غريب عوام جون دانھون ڪڍي ڇڏيون آهن مھانگائي جي ڪري روز مرھ واري واھپي وارين شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آهي جنهن ڪري ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيتن جي زندگي تمام گھڻي ڏکي پئي گذري, عمران خان جي سرڪار رات پيٽ ۾ روزانو 10 روپين کان 15 روپين تائين پئٽرول ۽ ڊيزل في ليٽر مھانگي ڪري ھن ملڪ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي ھنن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آء جي وفاقي حڪومت غريب عوام کان خوشيون ھميشھ لاء ختم ڪري انهن کي خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي عمران خان جي وفاقي حڪومت ۾ ويٺل وزير ۽ مشير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندا پيا وڃن ۽ ملڪ جو خوشحال عوام غريب ٿيندو پيو وڃي, جڏهن ته حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ مٿان اربين ۽ کربين ڊالر ٻاهرين ملڪن ۽ ورلڊ بينڪ جو قرض ٿي ويو آهي ھنن جي ڪرپشن اسان جي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي, ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي ۽ بدامني جو نوٽيس وٺي ملڪ جي غريب ۽ مسڪين عوام سان انصاف ڪري بدامني تي ڪنٽرول ڪرائي شھرين کي تحفظ فراھم  ڪري جيئڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.