دادو لڳ ڪار جو پيرسن کي ٽڪر، هڪ فوت، 2 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) دادو ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت، حادثي ۾ فوتي جي گهر واري ۽ ٽن سالن جو پٽ به زخمي ٿي پيو، پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه دادو شهر ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد دادو باءِ پاس فرحان هوٽل وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڪڪڙ ڀرسان ڳوٺ لال بخش ٻٻر واسي 50 سالن جو پيرسن حسين ٻٻر سندس گهر واري ڪلثوم خاتون ۽ 3 سالن جو سندس پٽ صدام ٻٻر سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ڪار تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد علائقي واسين جي مدد سان زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن پاران پيرسن حسين بخش ٻٻر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي پيرسن جي سئوٽ عبدالغفور ٻٻر ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ پنهنجي گهر واري ۽ پٽ سان گڏجي موٽرسائيڪل تي دادو شهر مان دوا وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته دادو شهر ڀرسان باءِ پاس فرحان هوٽل وٽ تيز رفتار ڪار جو سندن موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي.هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي پيرسن جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.