هوسڙي ڀرسان واهه مان همراهه جو لاش هٿ

هوسڙي (ن ع آ) ھوسڙي  ڀرسان ڳوٺ قاربخش سولنگي وٽ اڪرم واھ ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن ھوسڙي  پوليس کي اطلاع ڏنو اطلاع ملندي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 4

ئي پوليس اڪرم واھ تي پھچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي لاش جي تلاشي ورتي تلاشي دوران فوت ٿي ويل اڻڄاتل شخص جي ڪپڙن مان ھڪ عدد موبائيل ۽ چاپيون ھٿ آيون اٽڪل 35 ورھين جي اڻڄاتل شخص جو لاش کي ھوسڙي  پوليس ايمبولينس زرعي سيول اسپتال حيدرآباد کڻائي وئي جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوء لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري اسپتال جي سرد خاني ۾ چوويھ ڪلاڪن لاء  امانت طور رکيو ويو آھي.ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايپ ته لاش جي ڪپڙن مان ھٿ آيل موبائيل فون جي سم ڪارڊ وسيلي لاش جي وارثن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشيش ڪنداسين پر فلحال لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.