مقصودي لڳ موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

مقصودو رند (ن ع آ) ڄام صاحب شاھپور چاڪر روڊ تي ملنگ موري موڙ وٽ ٻن  موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر مقصودو رند واسي نوجوان فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتي نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام متل نوجوان کي موڙ ٻڌي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانيل خبر موجب  گذريل رات دير سان ڄام صاحب شاهپور چاڪر روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ٿي پيو جنھن بعد ٻئي موٽر سائيڪل سم نالي ۾ ڪري پيا نتيجي ۾ موٽر سوار 16 سالہ نوجوان خليل احمد منگي فوت ٿي پيو جڏھن ته ٻه ڄڻا اسرار احمد منگي شاھ جھان منگي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو جڏھن ته فوتي نوجوان ۽ زخمي مقصودو رند لڳ ڳوٺ مولوي عطا حسين منگي جا رھواسي ھئا جيڪي ھوت فقير جو ميلو گھمڻ لاء ويل ھئا ۽ ميلي تان موٽندي ھي حادثو پيش آيو ٻئي طرف نوجوان خليل احمد منگي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد نوجوان خليل احمد منگي کي سندس اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکڙين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.