لاڙڪاڻي ۾ لاوارث ڄاڻائي دفنايل نوجوان جي باقراڻي واسي طور سڃاڻپ

باقراڻي ( رپورٽ: احمد شيخ ) باقراڻي لڳ ڳوٺ نورل ابڙو واسي 15 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل نوجوان جو لاڙڪاڻي مان لاش ھٿ، ايڌي انتظاميا پاران لا وارث قرار ڏئي دفن، اطلاع ملڻ بعد نوجوان جا وارث ايڌي سينٽر لاڙڪاڻو پهتا. رپورٽ موجب : باقراڻي تعلقي جي  ڳوٺ نورل ابڙو مان 15 ڏينهن اڳ گھران نڪرڻ بعد پراسرار نموني گم ٿي ويل 20 سالا  نوجوان سڌير علي پٽ يار محمد ابڙو جو لاش لاڙڪاڻي ابو بڪر قبرستان مان ھٿ اچڻ بعد ايڌي انتظاميا لا وارث قرار ڏئي دفنائي  ڇڏيو ھو، ان سلسلي ۾  نوجوان جا وارث ڳولا ڪندا ايڌي سينٽر لاڙڪاڻو آفيس پهتا جتان تفصيل وٺڻ بعد ايڌي آفيس وارن نوجوان جي وارثن کي فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاڙڪاڻي جي ابوبڪر قبرستان ۾  لاوارث ڄاڻائي دفنائڻ جو ٻڌايو جنهن بعد فوتي نوجوان جا وارث ابوبڪر قبرستان پهچي قبر ڪشائي ڪرائي ۽ سڃاڻپ ڪرڻ بعد لاش کي اتي ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو هو، هوڏانهن اهڙي اطلاع ملڻ تي  فوتي نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ سندس وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، جڏهن ته فوتي نوجوان جو تڏو ڳوٺ نورل ابڙو ۾ وڇايو ويو آهي سندس جي وارثن پيءُ يار محمد ابڙو، ڀاءُ امتياز ابڙو، ذوالفقار ابڙو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.