جهول پوليس قتل ڪيس ۾ بيان نه ورتا، احتجاج

جهول (ن ع آ)جهول ايس ايڇ او منهنجي شاهدن جا بيان قلمبند نٿو ڪري رشوت وٺڻ عيوض جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ سڄو ڏينهن مصروف هوندو آهي علي رضا ملوڪاڻي جو صحافين اڳيان احتجاج واضح رهي ته ٻه مهينا اڳ جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ملوڪاڻي رهواسڻ مسمات ڪائنات کي باھ ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ وارو معامرو وارثن پاران ايس ايڇ او جهول ياسر مغل جوابدارن کان ڳري رشوت وٺڻ عيوض جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي مقتولا ڪائنات جي ڀاءُ علي رضا ملوڪاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او جهول ياسر مغل منهنجي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي گذريل ٽي ڏينهن کان اسان کي بيان قلمبند ڪرڻ بجاءِ رلائيندو وتي ٿو الٽو مون کي هيراسان ڪري ڪيس مان هٿ کڻڻ لاءِ پريشان ڪري رهيو آهي هن چيو منهنجو ڪيس جي جانچ ٻئي ڪنهن ايماندار آفيسر کان ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي هن چيو ته جوابدارن کي پهرين ڏينهن کان وٺي ايس ايڇ او جهول ياسر مغل بچائي پيو اهڙيون درخواستون آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد؛ ايس ايس پي سانگهڙ؛ ۽ ڊي ايس پي ڄام نواز علي کي پڻ ڏنيون آهن پر اڃان ڏنل منهنجي درخواستن تي عمل ناهي ٿيو هي هڪ وڏو سوال آهي هن چيو ته منهنجي ڀيڻ کي بي گناھ ساڙي ماري خون ڪيو جنهن جي درخواست بروقت جهول ٿاڻي تي ڏني پر ايس ايڇ او جهول ياسر مغل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد ايڊووڪيٽ حسنين نظاماڻي صاحب جي معرفت ڪورٽ سڳوري ايڊيشنل سيشن جج ون کي درخواست ڏني ڪورٽ سڳوري موقف ٻڌڻ بعد قتل جي ايف آئي آر جهول ٿاڻي تي داخل ڪرڻ 154 ڪيڪ تحت فريادي کان بيان وٺڻ بعد ڪيس داخل ڪرڻ جو  حڪم ڏنو ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي ڪيس ته داخل ڪيو ويو پر هاڻي ايس ايڇ او جهول منهنجي شاهدن کان بيان نه پيو وٺي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.