خيرپور ۾ بجلي مان باهه 5 گهر ساڙي ڇڏيا

خيرپور( ڊ ر )اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محلا اوستوگاهي ۾ بجلي جي سرڪٽ مان اوچتو باھ لڳڻ سبب شيخ برادي جا 5 گھر سڙي رک ٿي ويا ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جو سرڪٽ شارٽ ٿيڻ سبب باغ علي شيخ جي گھر کي باھ لڳي وئي ڏسندي ڏسندي شعيب علي شيخ،برڪت علي شيخ.علي محمد شيخ ۽ ڪريم بخش شيخ جي گھرن کي به باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب گھرن ۾ رکيل 9 تولا سونا زيور 4لک روپيا روڪ رقم 5 موٽئرسائيڪلون 4 رنگين ٽي ويون ۽ ٻيو گھرو سامان سڙي وڃڻ سان گڏ گھر ۾ بيٺل 3 ٻڪريون به سڙي کاڪ جو ڍير ٿي ويون اطلاع جي باوجود فائيربرگيڊ معمول موجب 2ڪلاڪ دير سان پهتي تيسيتائين ڪجھ به نه بچو متاثر خاندان کليل آسمان هيٺان ويٺا رهيا وٽن ڪو به سرڪاري عملدار توڙي سياسي ماڻهون لڙي نه آيو. ۽ هو امداد جي لاءِ واجائيندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.