شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءُ کي اصل شاهديون شامل نه ڪرڻ تي خدشا

محرابپور ( ن ع آ ) شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي فريادي ڀاءُ  حفيظ الرحمان ميمڻ جي آءِ  ٽي تي عدم دلچسپي ظاھر ڪري ڇڏي شھيد عزيز ميمڻ جي ڪيس جا اصل ايويڊنس شامل ڪرائڻ لاءِ ھاءِ ڪورٽ سان رابطو  ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو،  فريادي ڀاءُ  ميڊيا کي ٻڌايو ته شھيد عزيز ميمڻ اسلام آباد وڃي جيڪي خدشا ظاھر ڪيا ھئا انھن ايويڊنس کي ھلندڙ ڪيس شامل نه ڪيا ويا آھن، ڪيس جي فريادي حفيظ الرحمان ميمڻ ميڊيا سان ڳالائيندي چيو ته ايم اين اي ابرار علي شاھ شاھد ملڪ جيالا ۽ ڪجھه پوليس آفيسر جنھن تي پنھنجي زندگي ۾ خدشات ڏيکاري ويو ھو ته مون کي جيالا مارڻ لاءِ  مختلف ھربا استعمال ڪري مارائي ڇڏيندا جنھن لاءِ  پاڪستان جي گادي واري ھنڌ اسلام آباد پھتو آھيان، ڪيس فريادي چيو ته انويسٽيڪيشن دوران ھڪڙي جوابدار ذالفقار عرف بگو پڻ انڪشاف ڪيو ھئو ته شھيد عزيز ميمڻ کي ڌپ فيڪٽري جي پلاند ۾ ماريو ويو آھي پر ڪوبه انڊر انويسٽيڪيشن نه آھي شھيد عزيز ميمڻ جو واقعو نج صحافتي قتل آھي شھيد عزيز ميمڻ جي فيصلو جو انتظار پوري دنيا کي آھي ۽ پوري دنيا صحافي برادري ۽ سندس وارث صاف شفاف جانچ ڪري شھيد جي ڪيس ملوث حقيقي ڪردار سامھون اندا وڃن جيئن شھيد عزيز ميمڻ جي خون سان انصاف ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.