شاعر منٺار فقير راڄڙ جو ميلو سڀاڻي کان شروع

کپرو (ن  ع آ) سنڌ جي معروف صوفي شاعر ۽ بزرگ حضرت منٺار فقير راڄڙ جو ساليانو ميلو 16 نومبر 2021 جي شام کان ڳوٺ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ۾ شروع ٿي رهيو آهي. درگاھ  شريف جي گادي نشين فقير محمد بخش ضامن ٻڌايو ته ميلي جو افتتاح سروري جماعت جو روحاني پيشوا, معروف شاعر ۽ ميمبر قومي اسمبلي مخدوم جميل الزمان مزار مبارڪ تي چادر چاڙهي ڪندو. ان کانپوءِ مچ تي سروري ڏهر ۽ ذڪر جي روايتي تقريب منعقد ٿيندي. رات جو صوفياڻي راڳ جي محفل ٿيندي جنهن ۾ استاد شفيع فقير، برکت جمال دين فقير سميت سنڌ جا نامور راڳي صوفي شاعرن جو ڪلام پيش ڪندا. ميلي ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين حصن مان درگاه جا عقيدتمند وڏي انگ م شرڪت ڪندا.ميلي جو تقريبون ٻن ڏينهن تائين جاري رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.